سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار

- Advertisement -
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. گڊو بئراج وٽ ٽن ڏينهن کان ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. 24ڪلاڪن اندر پاڻي سطح ۾ 53 هزار 9 سئو ڪيوسڪ واڌ ٿي آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 12 هزار 384 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 6 هزار 222 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر ۾  ٽن ڏينهن کان پاڻي جي ڇوڙ بند ڪيو ويو آهي. سکر بئراج وٽ گذريل 12 ڪلاڪن کان هيٺانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي. سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 36 هزار 6 سئو ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 18 هزار 50 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
39%
4.4m/s
5%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون