سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي سنڌ جون عورتون پنھنجي ڀائرن سان گڏجي ناڪام بڻائينديون.
سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن 17 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل ريلي کي ڪامياب بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪڙئي گهنور، گولاڙچي ۽ کورواھ ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون.
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، خوشبو ڪيڙانو، بيگم زنئور، فطرت ھاليپوٽو، بيگم ٽالپر، راڻي ھاليپوٽو، سنڌو جمالي، سنگيتا ميگھواڙ، سڪينا درس ۽ ٻين بدين ضلعي جو ٻن ڏينھن جو تنظيمي دورو ڪري پاڻي تي ڌاڙي بابت آگاهي ڏني.
عورتن ميڙاڪن کي خطاب دوران چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي ناڪام بڻايو ويندو.
ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري رڳو ھڪ صوبي جي ماڻھن کي خوشحال ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ھٿرادو ڌاڙيل پيدا ڪري اغوا ڦرلٽ جو ڏھڪاءُ برپا ڪيو پيو وڃي.
سندن چوڻ هو ته سنڌ جي تعليم مڪمل طور تباھ ڪئي وئي آھي، منشيات جو ڪاروبار عام ڪري سنڌ جي نوجوانن کي ڏوھاري بڻايو پيو وڃي ۽ انتھاپسندي کي ھٿي وٺرائي صوفين جي سرزمين تي رت جي راند کيڏڻ جي سازش ڪئي وئي آھي، جنھن کي سنڌ جا باشعور ڪارڪن عورتون توڙي مرد گڏجي ناڪام بڻائي پنھنجي ڌرتي ۽ قوم جي مالڪي ڪندا.
سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ، ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۽ انتھاپسندي خلاف 17 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌياڻين جي ريلي ۾ پنھنجي عورتن سميت شرڪت ڪري قومي سجاڳي جو ثبوت ڏنو وڃي.