تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي : مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي،  سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هن ڀنڀور جو دورو ڪيو آهي، ڀنڀور ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، مهمانن جي ڪتاب ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا انگريزي ۾ خوبصورت تاثر لکيل هئا.

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ آثار قديمه، ماحوليات، دريائي نظام ۽ انڊس ڊيلٽا بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون.

آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس جو چوڻ آهي ته انڊس ڊيلٽا جي تمام شاندار تاريخ آهي، سنڌ سرڪار انڊس ڊيلٽا جو تحفظ ڪري ۽ سامونڊي آبي جيوت جي خوراڪ ۽ گدلاڻ کان محفوظ رکيو وڃي، سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ وڃڻ سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو قدرتي ذريعو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، سنڌ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ٿا.

آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هو هاڪي جو رانديگر آهي ۽ هاڪي کيڏندو رهيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون