تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو  معاملو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پ پ جي خاموشيءَ جون ڳالهيون ڪوڙ آهن : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو  معاملو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پ پ جي خاموشيءَ جون ڳالهيون ڪوڙ آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڻي ايس آءِ ايف سي نه پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مسئلو آهي. هن چيو ته  سال گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو اجلاس طلب نه ڪيو ويو آهي، گرين پاڪستان جي تجويز ته پ پ ئي ڏني، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو معاملو وفاق تي داغ آهي، رٿا تي نظرثاني ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته مسئلي کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ گهرجي، ڪئنال ڪڍڻ تي سنڌ کي خدشا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري حڪومت کي هاڪاري انداز ۾ خبردار ڪيو،  صدر نفرت بدران اتحاد جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي سبب ملڪ ۾ ڪڏهن سوڪهڙو آهي ته  ڪڏهن وري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال تي جيڪڏهن صوبائي حڪومت ڪم نه ٿي ڪري ته وفاق کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته معيشيت ۾ هاڪاري اشارا آهن ۽ مهانگائي ۾ اضافو نه ٿي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون