پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو معاملو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پ پ جي خاموشيءَ جون ڳالهيون ڪوڙ آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي ايس آءِ ايف سي نه پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مسئلو آهي.
هن چيو ته سال گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو اجلاس طلب نه ڪيو ويو آهي، گرين پاڪستان جي تجويز ته پ پ ئي ڏني، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو معاملو وفاق تي داغ آهي، رٿا تي نظرثاني ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته مسئلي کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ گهرجي، ڪئنال ڪڍڻ تي سنڌ کي خدشا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري حڪومت کي هاڪاري انداز ۾ خبردار ڪيو، صدر نفرت بدران اتحاد جي ڳالهه ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي سبب ملڪ ۾ ڪڏهن سوڪهڙو آهي ته ڪڏهن وري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال تي جيڪڏهن صوبائي حڪومت ڪم نه ٿي ڪري ته وفاق کي ڪجهه ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته معيشيت ۾ هاڪاري اشارا آهن ۽ مهانگائي ۾ اضافو نه ٿي رهيو آهي.