تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مختلف ڌرين جا مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. نوابشاهه ۾ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين بائيڪاٽ ڪري بار کان ڪيفي شيراز چوڪ تائين وڪيل اڳواڻ علي رضا چني، مختيار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ظهير محمد بابر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊسٽرڪٽ بار کان ريلي ڪڍي. لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ ايسوسيئيشن پاران نون ڪئنالن،، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف صدر اطهر عباسي سولنگي، نور الدين مهيسر، جاويد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ماتلي ۾ به وڪيلن سول ڪورٽ ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪورٽ جي مين گيٽ آڏو وڪيل زاهد حسين چڍڙ، فياض آرائين، مير خادم ٽالپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. حيدرآباد ۾ سنڌ لا ڪاليج جي شاگردن لا ڪاليج کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. بدين ۾ موٽرسائيڪل ايسوسيئيشن طرفان مهراڻ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. محرابپور ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن پاران استاد غلام اڪبر خواجا، مولانا حيدر عامر، عابد حسين سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حسيني مسجد کان لوڌي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڏيجي ۾ نوجوانن طرفان مصور علي هاليپوٽو، دلشاد سولنگي، ڪامران سوهو، امداد سوهو، شاهد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جاتي ۾ زميندار ايڪشن فورم جي سڏ تي عادل لغاري، قادر لوهار، سيد وفا غلام حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. سجاول ۾ شيرا طارق ڀٽو، بشير ڀٽو، اميد بوزدار، اعجاز دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عرضي ڀٽو شهر کان ريلي ڪڍي مين رتوديرو خضدار موٽر وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. مانجهند ۾ يوسي منظور آباد جي بوائز ايليمينٽري اسڪول شجاع محمد کوسو جي شاگردن ۽ استادن اسلم ڇڇر، قمر الزمان ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. قمبر ۾ جناح باغ لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگردن لائبريري کان پريس ڪلب تائين ڪامران چنو، جميل چاچڙ، اعجاز مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. پڊعيدن شاگردن پاران اسپتال روڊ تي ارسالن سيال، فياض سومرو، عتيق سيال، عبدالرئوف مجيداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. دولتپورصفن ۾ بوائز هاءِ اسڪول جي شاگردن هاءِ اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. فريد آباد ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل پاران مولانا صابر حسين الحسيني، مولانا مشتاق احمد چانڊيو، غازي خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. کور واهه ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي شاگردن استادن ۽ شهرين گسٽا اڳواڻ محسن مخدوم، لکا ڏنو ٻاڪڙ، جبار سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان جي ايم سيد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي. ٻانڌي ۾ ايس ٽي پي اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران هائر سيڪنڊري اسڪول کان پريس ڪلب تائين سليمان، سينگار ۽ عامر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو فيض گنج ۾ قومپرست تنظيم جي ڪارڪنن مهراڻ هاءِ وي پڪا چانگ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي. گولاڙچي ۾ بچل واٽر جي نوجوانن پاران امجد شاهه، رحيم پنهور، جاويد سمون، علي محمد شاهه، اياز شاهه ۽ ساجد شاهه جي اڳواڻي ۾ بچل واٽر کان گولاڙچي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. ميرپورماٿيلي ۾ پيسٽي سائيڊ ايسوسيئيشن پاران ريلي ڪڍي وئي، جيڪا باءِ پاس ۽ شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پرس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي. وارهه ۾ پيسٽي سائيڊ جي اڳواڻن ۽ هارين عبدالحڪيم ٻگهيو، اصغر بروهي، حبيب پتوجو، اسلم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ميهڙ ۾ سبزي فروٽ يونين جي سڏ تي پورهيتن ۽ شهرين پاران اربيلو ڪلهوڙو، نثار ميمڻ، فراز چني، آزاد چني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي گهنٽاگهر چوڪ تي پهتي. شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڳڙهي خيرو روڊ تي سنجر ڀٽي پوليس چوڪي وٽ حمل خشڪ، نادر ڀرڳڙي، حاڪم خان مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. چوهڙ جمالي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ ڪئنالن خلاف رحيم بخش جمالي، سيد امجد شاهه، فريد کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. قمبر ۾ ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسين اظهر ڳورڙ، غلام حيدر ڳورڙ، وزير مغيري، سجاد هليو، صابر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کان پرس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو. پيرونمل ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون