تازه ترين

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي بحث بي بنياد آهي : احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته  سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي بحث بي بنياد آهي، ڪئنالن واري معاملي تي پ پ سان اتحاد متاثر نه ٿيندو، پ پ ۽ ن ليگ جي اتحاد کي ڪو به خطرو ناهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو آهي ته 91ع واري ٺاهه تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪو به صوبو ٻئي صوبي جي  حصي جو پاڻي نه ٿو کڻي، سنڌ جو پاڻي گهٽائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي اتحاد کي ڪو  به خطرو ناهي، ٻئي پارٽيون ميثاق جمهوريت تي عمل  ڪري رهيون آهن، اهو معاهدو شهيد بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف ڪيون.

احسن اقبال چيو ته پ پ ۽ ن ليگ طئه ڪيو هو ته هڪٻئي جي اختلافن کي ان حد تائين نه کڻي ويندا، جنهن سان ملڪ کي نه ٿئي،  ٻنهي پارٽين ميثاق جمهوريت معاهدي تي عمل ڪيو آهي.

سندس چوڻ هوته مهانگائي  38 کان چار سيڪڙو تي آڻڻ  حڪومت جي ڪاميابي آهي، ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ بدانتظامي ۽ نااهلي ذريعي ملڪ کي بدترين ڌٻڻ ۾  ڌڪيو، پي ٽي آءِ باني سياسي قيدي نه پر ڏوهه تحت قيد آهي، کيس آزاد نٿو ڪري سگهجي.

وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ، فوج خلاف منظم سازش ڪري ٿي هيءَ پارٽي ملڪ دشمن لابين جي مددگار بڻيل آهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون