تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال

- Advertisement -
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ اولهه ۾ لاسي ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، فقيرا ڳوٺ، سکيا ڳوٺ، جوهر ڪامپليڪس  وارن علائقن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. حيدرآباد جي مختلف علائقن آٽو ڀان روڊ، ماروي ٽائون، نسيم نگر، ٿڌي سڙڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو. نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي واپارين پاران شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مسافر گاڏيون جزوي طور هلي رهيون آهن. نوشهروفيروز ۾ شٽربند هڙتال ڪري الله وارو چوڪ، شاهي بازار، گوشت مارڪيٽ، ريشم گلي ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا. ٺٽي سميت مڪلي، گهارو، ميرپورساڪرو، ٻهارا، ڪيٽي بندر، جهمپير ۽ ٻين شهرن ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ پئٽرول پمپ بند رکيا ويا، جڏهن ته ڪارڪنن پاران موٽرسائيڪلن تي شهر جو گشت ڪيو ويو. بدين سميت ضلعي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران موٽرسائيڪلن تي شهر جو گشت ڪيو ويو. مٺي ۾ واپاري ايسوسيئيشن پاران شٽربند هڙتال کي موٽ ڏيندي سمورا ڪاروباري  مرڪز بند رکيا ويا. سجاول ۾ به شاهي بازار سميت سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا. ٽنڊو محمد خان ۾ به مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارڪنن پاران ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو. ٽنڊو الهيار ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا. ڪارڪنن موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو. دادو جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، جڏهن ته پوليس ايس ٽي پي جي چئن ڪارڪنن جبران پنهور، خادم معرفاڻي، گلزار ڀٽي ۽ علي گل چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
41 %
1.7kmh
0 %
اڱارو
19 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون