- Advertisement -
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.
ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ اولهه ۾ لاسي ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، فقيرا ڳوٺ، سکيا ڳوٺ، جوهر ڪامپليڪس وارن علائقن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
حيدرآباد جي مختلف علائقن آٽو ڀان روڊ، ماروي ٽائون، نسيم نگر، ٿڌي سڙڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو.
نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي واپارين پاران شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مسافر گاڏيون جزوي طور هلي رهيون آهن.
نوشهروفيروز ۾ شٽربند هڙتال ڪري الله وارو چوڪ، شاهي بازار، گوشت مارڪيٽ، ريشم گلي ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.
ٺٽي سميت مڪلي، گهارو، ميرپورساڪرو، ٻهارا، ڪيٽي بندر، جهمپير ۽ ٻين شهرن ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ پئٽرول پمپ بند رکيا ويا، جڏهن ته ڪارڪنن پاران موٽرسائيڪلن تي شهر جو گشت ڪيو ويو.
بدين سميت ضلعي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران موٽرسائيڪلن تي شهر جو گشت ڪيو ويو.
مٺي ۾ واپاري ايسوسيئيشن پاران شٽربند هڙتال کي موٽ ڏيندي سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.
سجاول ۾ به شاهي بازار سميت سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.
ٽنڊو محمد خان ۾ به مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارڪنن پاران ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.
ٽنڊو الهيار ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.
ڪارڪنن موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو.
دادو جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، جڏهن ته پوليس ايس ٽي پي جي چئن ڪارڪنن جبران پنهور، خادم معرفاڻي، گلزار ڀٽي ۽ علي گل چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو.
- Advertisement -
