- Advertisement -
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ بعد گڊو بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي وئي جڏهن ته سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي.
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار ڪيوسڪ جي واڌ بعد وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 49 هزار 611 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 36 هزار 538 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي وهڪرن ۾31 هزار 400 ڪيوسڪ اضافو ٿيو، جڏهن ته سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 76 هزار 990 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 52 هزار 240 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.- Advertisement -
