نئين ديري جي نصرت لوپ بند تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي، جڏهن ته ڳوٺ ٻرڙا سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جو نئين ديري ۽ ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته سندن واهر ڪئي وڃي.
ٻي پاسي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب ميهڙ جي ڪچي جا ڳوٺ به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
يوسي نئون ڳوٺ، يوسي مگسي، يوسي شاهه پنجو جي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
پ پ ايم پي اي فياض ٻٽ پاران ڊي سي دادو کي خط لکي متاثر ڳوٺاڻن سرڪاري اسڪول خالي ڪرائي ترسائن جي هدايت ڪئي وئي آهي.
آبپاشي کاتي جي اختيارين ايل ايس بند تي ڪئمپون پڻ قائم ڪري بند جي نگراني ڪئي پئي وڃي.