ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ مسلسل برساتن کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گڊو ۽ سکر بئراجن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي درجي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4لک 81هزار 913ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 61 هزار 353 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 34 هزار 905 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 505 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 71 هزار 890 ڪيوڪسڪ رڪارڊ ڪيو ويو،، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 13 هزار 805 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ اضافي سان ڪچي جي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي.
ڄامشورو، سيوهڻ، مانجهند، ٻڍاپور، انڙپور جي ڪچي ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڪچي جو زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي پهچڻ بعد مهاڻن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون.
واري جي دڙن جا ڏيک ڏيندڙ ڊائون اسٽريم آبي حيات جي واپسي تي ملاحن ۾ خوشي واري لهر ڇانيل آهن.
مهاڻن ٻيڙيون درياهه ۾ لاهي ڇڏيون ۽ ملاح مڇي جي شڪار ۾ مصروف آه