تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياھ مان لنڪ ڪئنال ڪڍڻ لاءِ پنجاب فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آھي، اهو منصوبو چولستان ڪئنال کان وڌيڪ خطرناڪ آھي

- Advertisement -
ارسا جي اڳوڻي سيڪريٽري سيد مظھر علي شاھ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي سازش جو انڪشاف ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياھ مان لنڪ ڪئنال ڪڍڻ لاءِ پنجاب فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آھي، اهو منصوبو چولستان ڪئنال کان وڌيڪ خطرناڪ آھي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام “بِهائينڊ دي نيوز” ۾ ڳالهائيندي سيد مظھر علي شاھ چيو ته انهي منصوبي تي عمل ٿيو ته سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي، سنڌين جو نالو نشان مٽجي ويندو . هن چيو ته هو 9 سال ارسا ۾ رهيو آهي ، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ واري معاملي تي وڏا جهيڙا ڪيا. پنجاب سميت ٽيئي صوبا سنڌ خلاف آھن. مظهر علي شاهه چيو ته  پاڻي جي وفاقي وزارت، واپڊا ۽ پنجاب جو آبپاشي کاتو سنڌ خلاف سازش ۾ برابر جا شريڪ رهيا آھن . سندس چوڻ هو ته  کين فني بنيادن تي ڪيس وڙھڻ گهرجي . اڄ ڏينهن تائين ارسا پاران پاڻي جي آڊٽ نه ڪرائي وئي آھي. هن چيو ته غلط اڪائونٽ ٺاهي پنجاب کي غيرقانوني طور تي واڌو پاڻي ڏنو وڃي ٿو،  سنڌ حڪومت کي پاڻي جي آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪرڻ  گهرجي . ارسا جي اڳوڻي سيڪريٽري چيو ته ارسا کي قانوني طور تي چولستان ڪئنال جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي،. سنڌ جي مخالفت باوجود چولستان ڪئنال تي ڪم جاري آھي، چولستان جي غيرآباد زمين آباد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٽيليميٽري سسٽم لاڳو ٿيڻ سان سنڌ سسن اڃا وڌيڪ زيادتي ٿيندي . سنڌ حڪومت جون اکيون ٻوٽيل آھن، هنن کي اکيون کولڻيون پونديون. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي آبپاشي کاتي فني بنيادن تي ڪا به تياري ناهي ڪئي،  سي سي آءِ ۽ اينڪنڪ ۾ سنڌ جو ڪيس وڙھڻ آءِ تياري ڪرڻ گهرجي . هن چيو ته پاڻي سي سي آءِ جو معاملو آهي، ايوان صدر يا ڪنهن ٻي فورم کي پاڻي معاملي تي گڏجاڻي جو ڪوب اختيار ناهي . ڍ مظهر علي شاهه چيو ته هن چيو ته ارسا سنڌ سان پاڻي زيادتي ۾ اڳڀري رهي آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون