سنڌو ماٿريءَ جي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
سنڌو ماٿري جي شھيد راڻي ۽ اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي اڄ   ڳڙهي خدابخش ڀـُٽي ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته جيالن جي مختلف شهرن مان قافلا پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀـُٽي ۾ ڀرپور سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي، جنهن ۾ عام چونڊن جي مهم جي شروعات پڻ ڪئي وئي ويندي. پيپلز پارٽي طرفان ورسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه اندر 60 فوٽ ويڪري اسٽيج کي پارٽي جهنڊن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي. جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ منجهند ڌاري پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش ڀـُٽي پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو مزار تي حاضري ڀري  کيس خراج تحسين پيش ڪري آھن. ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، آصف ڀٽو زرداري، صنم ڀٽو فريال ٽالپر، سميت صوبائي توڙي مرڪزي قيادت سميت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ  رٿيل جلسي کي خطاب ڪندا. پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار ٻاهران سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ استقباليه ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن جتي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ قافلن جو استقبال پڻ ڪيو پيو وڃي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻو پوليس جي انتظاميه پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو توڙي نئون ديرو هائوس جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7500 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جن ۾ 25 ايس ايس پيز، 8 اي ايس پيز، 71 ڊي ايس پيز، 137 انسپيڪٽر، 216 سب انسپيڪٽر، 592 اي ايس آئيز، 796 هيدڪانسٽيبل، 4755 پوليس اهلڪار، 500 ايس ايس يو، 300 ليڊيز، 700 ٽريفڪ اهلڪارن سميت ڪمانڊوز پنهنجون فرائض سرانجام ڏئي رھيا آھن . ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 150 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئمرائون، 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر لڳائي بم ڊسپوزل عملي کي پڻ الرٽ رکيو ويو آهي. سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان خصوصي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتان ورسي تقريب جي نگراني ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو ۾ ميڊيڪل ڪئمپون به لڳايون ويون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون