تازه ترين

سنڌ آبادگار بورڊ پنجاب ۾ آبادگارن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ساڻن ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو

سنڌ آبادگار بورڊ ايندڙ سال ڪڻڪ جي پوک ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي ڪرڻ، بارداڻو نھ ملڻ خلاف عدالت ۽ پنجاب جي آبادگارن جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اهم اجلاس صدر محمود نواز شاھھ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاهه،  محمد ملوڪ نظاماڻي، اسلم مري، عمران بوزدار، سلمان شاھھ، طاھا ميمڻ، يار محمد لغاري، عديل قاضي، عبدالحفيظ نظاماڻي، ملڪ محمد نظاماڻي، مراد علي شاهه بُڪيرائي، علي مردان شاھھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سنڌ آبادگار بورڊ پنجاب ۾ آبادگارن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ساڻن ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو.

اجلاس ۾ ايندڙ سال ڪڻڪ جي پوک ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن چيو ته سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري نھ ٿيڻ جي معاملي تي هو احتجاج جو حق رکن ٿا.

هنن چيو ته بارداني نه ملڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي.

اجلاس دوران سنڌ آبادگار بورڊ آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري ٻاهر موڪلڻ جي سفارش پڻ ڪئي.

اڳواڻن چيو ته خوراڪ کاتي طرفان باردانو نھ ملڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي 50 ارب روپين جو نقصان ٿيو آھي.

سندن چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران انتظامي ڪوتاھين، نااھلي، بدنيتي، غلط ڄاڻ ڏيڻ ۽ ڪرپشن جي ڪري پيدا ٿيو آهي.

سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن چيو ته حڪومت وٽ چار ڏهائي ست ملين ٽن ڪڻڪ موجود ھئڻ باوجود ھڪ بلين ڊالرن جي ڪڻڪ گهرائڻ جي مذمت ڪن ٿا.

سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾سورج مکي جي پيداواري سگھھ ۾ ٻيڻ تي گھٽتائي ٿيڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو.

تيلي ٻجن جي پيداوار گھٽجڻ سبب کاڄرو تيل جي امپورٽ بل ۾ واڌ جو امڪان بھ ظاھر ڪيو ويو.

سنڌ آبادگار بورڊ موجب سورج مکي جي پيداوار 15 کان 20 مڻ مان گهٽجي 7 کان 9 مڻ تائين ٿي وئي آهي، گذريل سال کان تيلي ٻجن جو اگھھ 7000 روپين مان گھٽجي 4800 روپيا ٿي ويو آھي.

سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن چيو ته ايندڙ ڪجھھ سالن ۾ تيلي ٻجن جي پوک گھٽجي سگھي ٿي.

سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ پاڻي جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سسٽم ۾ وڌيڪ پاڻي موجود آھي، ان باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾  وارا بندي ڪئي پئي وڃي………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون