تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ اسيمبليءَ جي 36 اسٽينڊنگ ڪميٽين مان پنجن جا چيئرمين چونڊجڻ بعد وڌيڪ 26 چيئرمينن جي چونڊجڻ  جو نوٽيفڪيشن جاري

- Advertisement -
سنڌ اسيمبليءَ جي 36 اسٽينڊنگ ڪميٽين مان پنجن جا چيئرمين چونڊجڻ بعد وڌيڪ 26 چيئرمينن جي چونڊجڻ  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جڏهن ته رھجي ويل  پنج اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چونڊ ايندڙ جمعي ٿيڻ جو امڪان آهي. اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ حاصل ڪندڙ حڪومتي ڌر جي حصي ۾ 23 ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ 6 ۽  پي ٽي آءِ جي حصي ۾ 2 آيون. نوٽيفڪيشن موجب ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين امتياز شيخ ۽ صنعتن واري کاتي لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين عبدالرزاق راجا هوندو. نوٽيفڪيشن موجب اسپيشل ايجوڪيشن لاءِ تنزيلا اُمِ حبيبه، معدنيات کاتي جو سيد صالح شاهه، تعليم کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ڄام شبير علي خان چونڊجي ويا آهن. محمد عامر صديقي تقافت ۽ سياحت، سڪندر شورو، هائير ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، نجم مرزا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي لاءِ فراز سهيل، اقليتي معاملن جي ڪاميٽي لاءِ ڊاڪٽر کٽو مل، نوجوانن جي معاملي واري کاتي لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين دانيال هوندو. پنج اسٽيڊنگ ڪاميٽين جون اڳ چونڊون ٿي چڪيون آهن، باقي پنج ڪميٽين جي چونڊ ايندڙ جمعي تي  ٿيڻ امڪان آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون