تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس ۾ مختلف ميمبرن پاران تقريرون ڪيون ويون

سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس ۾ مختلف ميمبرن پاران تقريرون ڪيون ويون، جڏهن ته گروپ فوٽو به ڪڍرايو ويو،  ايوان ڊگهي مدي تائين اسپيڪر رهڻ تي آغا سراج درانيءَ کي ڀيٽا وارو ٺهراءُ به منظور ڪري ورتو.

سنڌ اسيمبلي جو الوداعي اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس کان اڳ گروپ فوٽو ڪڍرايو ويو.

اجلاس دوران ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار چيوته قيد ۾ هوندي به ايوان هلائڻ تي هو اسپيڪر  آغا سراج دراني کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.

هن چيو ته سنڌ سرڪار سٺا ڪم ڪيا انهن تي ساراهه ڪئي پر ڇا ستر ورهين جا مسئلا حل ڪيا ويا؟ ارڙهين ترميم جو فائدو عوام کي پهتو آهي؟ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، عورتون محفوظ ناهن سيف سٽي منصوبي تي ڪم ڪيو وڃي.

رعنا انصار چيو ته نگران حڪومت لاءِ غير سياسي ماڻهن جي چونڊ ڪئي وڃي.

ناصر شاهه چيو ته ڏکين حالتن ۾ ايوان هلائڻ تي هو اسپيڪر کي واڌايون ڏي ٿو، مڪاني چونڊن ۾ ڪا هڪ گرفتاري ناهي ٿي، چئني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم سنڌ ۾ ٿيو آهي.

هن چيو ته ٽن مهينن بعد اليڪشن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو.

شرجيل ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، پنهنجي ڪم نه ڳڻائي سگهڻ پ پ جي ڪمزوري آهي، سندن واحد رستو  عوام آهي، اميد ته عوام کين ڪامياب ڪندو ۽ هو ٻيهر ايون ۾ ايندا.

هن چيوته ڪورونا وبا دوران رٿابندي سان ڪم ڪيو، 21 لک ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن، سندن واحد رستو عوام آهي.

اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج درانيءَ کي ڀيٽا پڻ منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر کي ڊگهي مدي تائين اسپيڪر رهڻ وارو ٺهراءُ مخالف ڌر جي ميمبر عارف جتوئي پيش ڪيو.

الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي اسپيڪر آغا سراج دنرا چيو ته هو ساڍن چئن ورهين کان گرفتار آهي، سندس گهر تي چڙهائي وئي وئي، فريال ٽالپر، سعيد غني، وڏو وزير سڀ سندس گهر پهتا ۽ فيملي کي تحفظ ڏنو.

هن چيوته هو شهيد راڻي بينظير ڀٽو جا جانثار آهن، هن قيد ۾ هوندي ايوان هلايو، پر آئين موجب ايوان هلايو.

آغا سراج دراني چيو ته سنڌ خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي، هو عوام جي خدمت ڪرڻ تي وڏي وزير کي سلام پيش ڪري ٿو. خطاب بعد اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
10.4 ° C
10.4 °
10.4 °
52 %
1kmh
3 %
ڇنڇر
10 °
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °

تازه ترين خبرون