سنڌ اسيمبلي گئس جي بحران خلاف هير سوهو جي مهملي واري رٿ منظور ڪري ورتي

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي گئس جي بحران خلاف هير سوهو جي مهملي واري رٿ منظور ڪري ورتي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته هير سوهو جي رٿ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي جي  نشاندهي آهي، آئين تحت سڀ کان پهريون گئس جو حق صوبي جو آهي. اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران هير سوهو سنڌ ۾ گيس بندش خلاف مهملي واري رٿ پيش ڪئي. هير سوهو چيو ته سنڌ 61، بلوچستان 23، ڪي پي 12 ۽ پنجاب 3 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبي کي آئين موجب گيس نٿي ملي. هير سوهو چيو ته سنڌ ۾ ٻار بنا نيرن جي اسڪول ۽ شهري بک تي پنهنجي ڪم تي وڃن ٿا، سنڌ کي آئين ۽ قانون موجب حصي جي گيس فراهم ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي عامر صديقي خطاب ڪندي چيو ته وڏي وزير کي گهرجي تي گيس معاملي کي سي سي آءِ اجلاس ۾ اٿاري. پ پ ايم پي اي روما مٽو خطاب ڪندي چيو ته آئين ۾ به آهي ته جيڪا معدنيات صوبي مان نڪري ٿي پهريان اهو صوبو استعمال ڪري. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هير سوهو جي رٿ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي جي  نشاندهي آهي، آئين تحت سڀ کان پهريون گئس جو حق صوبي جو آهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڻ مڪاني ادارن جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو، متحده جي بائيڪاٽ سبب ٻين سياسي پارٽين ڪاميابي حاصل ڪئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت اربين رپيا خرچ ڪري سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي فعال ڪيو، ٿي سگهي ٿو سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بابت شڪايت درست هجي، هاڻي ڪچرو کڄي ۽ ڊمپنگ سائيٽ تي ڦٽو به ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي هير سوهو جي گيس بابت پيش ڪيل مهملي واري رٿ گڏيل طور منظوري ڪري ورتي. اسپيڪر اجلاس سومر ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
27%
2.3m/s
6%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون