تازه ترين

سنڌ انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، انيڪ معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماروئڙا اٽي لپ ۽ ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن.

جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي شاهپور جهانيان ۾  ايس يو پي اڳواڻ لالا يوسف ٻگهيو جي ڀائيٽي ۽ صحافي نعيم احمد چنا جي ڀاءِ جي وڇوڙي تي ساڻن ملاقات ڪري تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته مهانگائي، بک، بدحالي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو پنهنجي ٻچڙن سميت آپگهات ڪرڻ تي مجبو ٿي ويا آهن.

هن چيو ته سنڌ پوري پاڪستان کي پالي ٿي، پر هتان جا رهواسي پيٽ سان پٿر ٻڌڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا  حڪمران پنهنجي عياشين ۽ ڪرسي بچائڻ خاطر سنڌي ماڻهن جا وسيلا وڪڻي رهيا آهن. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته  سنڌ جي درياءَ، گئس، ٻيٽ، جبل ۽ زمينن تي ڌارين جو قبضو آهي، سنڌي ماڻهن جي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,173FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
28 %
0.6kmh
0 %
ڇنڇر
20 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون