- Advertisement -
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان سنڌ حڪومت خلاف واويلا جي ترديد ڪئي وئي آهي.
سيف ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف نيوز چينلن تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي موقف کانسواءِ آڊٽ آبزرويشن جي بنياد تي بيقاعدگين جا الزام لڳائي خبر هلائڻ صحافتي اخلاقيات جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته سيف جو مانيٽرنگ سسٽم سمورن اسڪولن جا تفصيل حاصل ڪندو آهي، ادائگي رڳو سالياني مانيٽرنگ ذريعي ٻارڙن جي انگ جي بنياد تي ٿيندي آهي.
سيف ترجمان جو چوڻ آهي ته هي خبر سال 22-2021ع جي آڊٽ آبزرويشن مان آهي، جنهن تي کاتي جي آڊٽ ڪميٽي ۾ بحٽ ناهي ڪي ويو، سيف جي ادائگين ۾ ڪنهن به قسم جي بيقاعدگي نه ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته سيف جي اڪائونٽس جي اسٽيٽ بينڪ جي منظور ڪيل چارٽڊ اڪائونٽنٽس کان باقاعده آڊٽ به ٿيندي آهي.
سيف ترجمان چيو ته انفرادي ڀائيواري جون ادائگيون معاهدن سان فراهم ڪيل کاتن ۾ ڪيون وينديون آهن، تنظيمن کي ادائگيون تنظيم جي کاتن مان ڪيون وينديون آهن نه ئي ماڻهن کي ڪيون وينديون آهن، ادائگيون انفرادي ڀائيوارن کي ئي ڪيون وينديون آهن ڇو ته اهي معاهدن تي صحي ڪندڙ آهن ۽ اسڪولن جي ڪم جا ذميوار آهن.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورا اسڪول رجسٽرڊ آهن يا رجسٽريشن جي عمل ۾ آهن، ڪجهه اسڪول پنهنجي رجسٽريشن جي مرحلي ۾ آهن.- Advertisement -
