تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع باوجود ملير ۾ ريتي بجري چوري ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي، ڪمشنر ڪراچي کي خط

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع باوجود ملير ۾ ريتي بجري چوري ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي، ڪمشنر ڪراچي کي خط لکي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي ريتي بجري چوري ۾ ايس ايڇ او منرل مائنز ۽ اهلڪارن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف توڙي سنڌ هائيڪورٽ جي منع نامي جو ذڪر ڪندي صوبائي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري منرل مائنز، ايڊيشنل آءِ جي، ڊائريڪٽر جنرل منرل مائنز، ڊي آءِ جي اوڀر، ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف وزير اعلي هائوس، ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف چيف سيڪريٽري ۽ ايس ايس پي ملير سميت ڊسٽرڪٽ ملير جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشرن ڏانهن به خط موڪلي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جو چوڻ آهي ته ملير جي مختلف علائقن مان ريتي بجري چوري ٿي رهي آهي، معدنيات جي چوري ۾ منرل مائنز ڊپارٽمينٽ جو ايس ايڇ او ۽ اسٽاف ڪابه ڪاروائي نٿا ڪن. هن چيو ته ملير ندي سميت مختلف هنڌن تان ريتي بجري چوري ٿيڻ سبب قدرتي ماحول کي خطرو آھي، ريتي بجري چوري ٿيڻ سبب قدرتي ماحولياتي نظام به تباھه ٿي رھيو آھي. ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي چيو ته ريتي بجري چوري سبب جيڪا تباهي ٿي رهي آهي، ان جو جائزو وٺي رهيا آهن، ڪارروائي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، معدنيات جي تباهي سان گڏ ماحولياتي تباهي به ٿي رهي آهي فوري طور تي انگ اکر گڏ ڪري اهڙي غير قانوني عمل کي روڪرايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون