تازه ترين

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ڪراچي ۾ گهرن ۽ ڪمرشل پلازئن جي نقشن جي منظوري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ڪراچي ۾ گهرن ۽ ڪمرشل پلازئن جي نقشن جي منظوري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ترجمان چيو ته اها پابندي نگران مڪاني ادار واري وزير مبين جماڻي جي حڪم تي لاڳو ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ڊماليشن اسڪواڊ شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف وڏي پئماني تي مهم شروع ڪئي آهي.

ڊي جي ايس بي سي اي چيو ته غير قانوني اڏواتن ۽ انهن جي سرپرستي ۾ ملوث آفيسرن ۽ ٻين خلاف جاچ جي شروعات به ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي سمورن ضلعن خاص طور سينٽرل ۾ غيرقانوني عمارتن، اضافي ماڙ، پورشنن ۽ تعميراتي مٽاسٽا جو لسٽون به تيار ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته شهر ۾ انفرااسٽرڪچر جي تباهي جو سبب بڻجندڙ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي، سمورين غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهيو ويندو.

ياسين شر بلوچ چيو ته غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث ٺيڪيدارن ۽ بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،ڪنهن به دٻاءُ ۽ سفارش تي عمل ڪرڻ کانسواءِ بنا فرق ڪارروايون ڪيون وينديون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون