سنڌ جا حڪمران سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ڪري رهيا آهن؛ سيد زين شاه

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه چيو آهي ته سنڌ جا حڪمران سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ڪري رهيا آهن هڪ طرف سنڌ جي زراعت اڳ ئي پٺتي پيل آهي ته وري ٻئي طرف ارسا جي آئين ۾ ترميم ڪري حڪمران سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ لاءِ سازشون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. حيدرآباد ۾ زراعت بچايو سنڌ بچايو جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي زين شاھ چيو ته سنڌ کي 1991 واري ٺاھ تحت پاڻي ڏئي سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن نه ڪي مسئلا وڌايا وڃن. زين شاھ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سنڌ جي زراعت ۽ سنڌو سان هٿ چراند ڪئي وئي ته سنڌ جون سموريون سڄاڻ ڌريون سياسي سماجي تنظيمون ۽ آبادگار ڀرپور تحريڪ هلائيندا. ڪانفرنس کي سنڌ آبادگار بورڊ  ايوان زراعت سنڌ  آبادگار اتحاد سميت مختلف آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪندي آبادگارن جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته ستر سيڪڙو مان گهٽجي سنڌ جي زراعت سٺ سيڪڙو تي پهتي آهي جنهن جا ذميوار وقت حڪومت وارا آهن. آبادگار اڳواڻن پڻ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ واري عمل کي سنڌ دشمن عمل قرار ڏنو…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون