سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي جڏهن ته گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري کيس قسم کڻائيندو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب شام گورنر هائوس ۾ ٿيندي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جي مصروفيتن سبب قسم کڻڻ واري تقريب نامزد نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نامزدگي جي ٻن ڏينهن بعد ٿي رهي آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ صوبي جي اهم شخصيتن ۽ سياسي اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي.
ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 5 اپريل 1957ع تي پيدا ٿيو، هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ڪئي ۽ 1981ع ۾ وڪالت جي شعبي سان ڳنڍجي ويو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 26 آگسٽ 2003ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مستقل جج بڻيو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر تي 20 سيپٽمبر 2013ع ۾ دهشتگردن حملو ڪيو هو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿيو جڏهن ته حملي ۾ سندس سڪيورٽي عملي سميت 9 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.