- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي يوٽيليٽي سروس فراهم ڪندڙن سان رابطا برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي يوٽيليٽي جي منتقلي ۽ تعميراتي ڪم کي تيز ڪرڻ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجي، سنڌ سرڪار ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽيشن سسٽم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ريڊ لائن منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويوندو، جڏهن ته بس ڊيپو ۽ ٽرمينل جي تعميراتي ڪم ۾ اڳڀرائي ۽ يوٽيلٽي جي منتقلي جهڙن چئلينجن سميت ٻين رخن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.
عالمي ڪنسلٽنٽس تعميراتي عمل ۾ عالمي معيار جي پاسداري يقيني بڻائڻ ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجون فني سفارشون پيش ڪيون.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪراچي شهر جي بنيادي ڍانڍي کي جديد بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پراجيڪٽ جي ٽائم لائنز تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو ڪراچي جي مسافرن لاءِ گيم چينجر آهي، هو هن ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي يوٽيليٽي سروس فراهم ڪندڙن سان رابطا برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي يوٽيليٽي جي منتقلي ۽ تعميراتي ڪم کي تيز ڪرڻ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽيشن سسٽم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو 26 ڪلو ميٽر تي ٻڌل آهي ۽ هي ڪراچي جي ماس ٽرانزٽ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر آهي، ريڊ لائن بي آر ٽي روزانو هزارين مسافرن کي سهولتن فراهم ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جو دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي- Advertisement -
