تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي يوٽيليٽي سروس فراهم ڪندڙن سان رابطا برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي يوٽيليٽي جي منتقلي ۽ تعميراتي ڪم کي تيز ڪرڻ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجي، سنڌ سرڪار ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽيشن سسٽم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ريڊ لائن منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويوندو، جڏهن ته بس ڊيپو ۽ ٽرمينل جي تعميراتي ڪم ۾ اڳڀرائي ۽ يوٽيلٽي جي منتقلي جهڙن چئلينجن سميت ٻين رخن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. عالمي ڪنسلٽنٽس تعميراتي عمل ۾ عالمي معيار جي پاسداري يقيني بڻائڻ ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجون فني سفارشون پيش ڪيون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪراچي شهر جي بنيادي ڍانڍي کي جديد بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پراجيڪٽ جي ٽائم لائنز تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو ڪراچي جي مسافرن لاءِ گيم چينجر آهي، هو هن ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي يوٽيليٽي سروس فراهم ڪندڙن سان رابطا برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي يوٽيليٽي جي منتقلي ۽ تعميراتي ڪم کي تيز ڪرڻ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽيشن سسٽم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو 26 ڪلو ميٽر تي ٻڌل آهي ۽ هي ڪراچي جي ماس ٽرانزٽ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر آهي، ريڊ لائن بي آر ٽي روزانو هزارين مسافرن کي سهولتن فراهم ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جو دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
55 %
4.7kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون