- Advertisement -
سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم جي عظيم مقصد جي حمايت ۾ پاڪستان جي پهرين نيلامي ڪئي.
اڳوڻي صدر عارف علوي جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته نيلامي ذريعي 2 لک 251 گهرن جي اڏاوت لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته ڇا عارف علوي واضح ڪري سگهي ٿو ته سندن ليڊر عمران خان برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ جمع ڪيل پنج ارب رپين مان ڪيترن خاندانن جي مدد ڪئي.
سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته سمورا فنڊ پاڪستان جي ادارن خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ لڳي ويا آهن، جيڪا ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران ڏڦيڙ پيا پکيڙين.
شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان زڪوات جي فنڊن کي ريئل اسٽيٽ وينچر طرف موڙي ڇڏيو آهي، هاڻي هو مني لانڊرنگ ۽ پرڏيهي فنڊنگ جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي………………- Advertisement -
