- Advertisement -
خيبر جي تخته بيگ پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا.
رات دير سان تخته بيگ پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو.
ڊي پي او موجب، چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ فائرنگ سبب هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي سي ايم ايچ پشاور منتقل ڪيو ويو جتي هنن دم ڏئي ڇڏيو.
ڊي پي ايو موجب، چيڪ پوسٽ تي حملي دوران ڌماڪن ۽ فائرنگ جي رد عمل ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگرد فرار ٿي ويا.
واضع رهي ته پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل چيڪ چيڪ پوسٽ تخته بيگ پوسٽ جمرود بازار ڀرسان پاڪ افغان شاهراهه تي موجود آهي…- Advertisement -
