سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ پاران پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي جاري ڪيل پيغام ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شهيدن کي هميشه حقيقي بهادري جي مثال طور ياد رکيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته مقدس زمين ۽ قوم جي تحفظ لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس جي شهيدن کي وساري نٿو سگهجي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ عوام کي پنهنجي پوليس، ان جي قربانين ۽ همت تي فخر آهي.
سندسن چوڻ هو ته ڊيوٽي دوران جانين جو نذرانو ڏيندڙ اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
صوبائي شهرين جي حفاظت ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سنڌ پوليس جي جوانن جون قربانيون سندن مضبوط عزم جو ثبوت آهن.
سندس چوڻ هو ته پوليس جا جوان حقيقي هيرو آهن، جن همت، بهادري ۽ ايمانداري سان خطرن جو مقابلو ڪيو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پوليس جي شهيدن جي وارثن کي ڪڏھن به بي يارو مددگار ۽ اڪيلو نه ڇڏيندي