تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف  سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف  سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان فلسطيني عوام سان ٻڌي جي اظهار لاءِ عزم حيدر مغل، پير محمد مينگل، هدايت الله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران اسرائيل جي فلسطينين مٿان ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. تنگواڻي م سني رابطه ڪائونسل طرفان اسرائيلي جارحيت خلاف مولانا شاهه مور بلوچ، ڊاڪٽر محمد قاسم، ڪاشف علي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽ غلام محمد ۾ سني رابطه ڪائونسل ۽ جماعت ابراهميه نقشبندي پاران فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت خلاف مولانا رمضان چوهاڻ، قاري عاصم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي. سن ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سڏ تي فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ مولانا مهدي شاهه، مولانا حسن خاصخلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسرائيلي جي غزا تي جارحيت خلاف سمورا مسلمان ملڪ خاموش آهن، جن کي خاموشي ٽوڙي گڏيل طور احتجاج ڪرڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني اسرائيلي جارحيت کان بچي سگهن. هنن گڏيل قومن کان گھر ڪئي ته فلسطينين مٿان اسرائيلي بمباري جو نوٽيس وٺي، غزا تي اسرائيل جا حملا بند ڪرايا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
26 %
1.4kmh
4 %
سُومر
26 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون