سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل پاران غزا تي بمباري خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي طرفان غزا ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم خلاف حافظ نصر الله چنا، عبدالحفيظ بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ڪنب ۾ جي يو آءِ پاران فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ حافظ عبداللطيف کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ماتلي ۾ اسرائيل جي فلسطينين تي ظلم خلاف هاري تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان محمد اقبال جڳسي، شاهد چڍڙ، شوڪت علي ميمڻ، آصف جڳسي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڪنڌرا ۾ مختلف تنظيمن طرفان مير غلام علي ٽالپر، مولانا رياض حسين موريجو، عاشق حسين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مسجد علي اصغر کان الحسيني چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيل جو فلسطينين تي ظلم جاري آهي، پر عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي.
مظاهرين چيو ته اسرائيل جي فوج جديد هٿيارن سان غزا تي حملا ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري پئي.
هنن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي فوري طور تي جنگ بند ڪرائي علائقي ۾ امن بحال ڪيو وڃي.