تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، 7 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ٿي آهي، جڏهن ته وڄون ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به مري ويو.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به مختلف هنڌن تي وقفي وقفي سان بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي.

حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.

ننگرپارڪر ڀرسان ڳوٺ اڪراڙو ۾ کنوڻ ڪِرڻ سبب 6 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون آهن.

فوتين ۾  رميش، رڻجيت، ڀمرو، وڪرم، انيتا، سگنا  شامل آهن.

ڳوٺ ٻنٽاڙي ۾ به برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب مهمان ٿي آيل چيلهار واسي نوجوان 35ورهين جو  شفيع ولد جعمون  فقير فوت ٿي ويو آهي.

تعلقي جي مختلف علائقن ۾ وڄون ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن،  جن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو آهي، جنهن ڪري ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن.

ننگرپارڪر جي مختلف علائقن تي ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري ٿيو آهي.

ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ خميسو مڱريو جي ڍاڻي ڀرسان برسات دوران وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 ورهين جي نينگري فرزانه ڌي اصغر مڱريو فوت ٿي وئي.

بدين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.

ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوماسي جي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.

ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو آهي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.

ماتلي ۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل برسات سبب گرمي مان تنگ ماڻهن جي منهن تي مرڪون اچي ويون آهن.

پڊ عيدن ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته  بجلي بند ٿي وئي.

نئين ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  وقفي وقفي سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو.

ڍوري ناري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  تيز برسات کانپوءِ  گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ مختلف هنڌن تي پاڻي بيهجي ويو.

ٽنڊي باگي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کانپوءِ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.

کپري تعلقي جي اڇڙي ٿر سميت ڍلير، هٿونگو، لوڻ کاڻ، ڀٽ ڀائٽي، کاهي سميت ٻين علائقن ۾ برسات سبب بجلي بند ٿي وئي.

ٻانڌي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو.

جهنڊي مري، عثمان شاهه هڙي، پيارو لنڊ، شاهپور رضوي، ٽنڊي سومري، مير آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب سمورا فيڊر بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ بجلي بند ٿي وئي.

سن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات جي نتيجي ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي.

ساماري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ ماڻهن جي منهن تي مرڪون اچي ويون.

اڏيري لال ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جي نتيجي ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون