تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. ڪوٽڙي ۾ تيز رفتار ٽرين جي ٽڪر ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون. سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پاور هائوس سامهون تيز رفتار ٽرين جي ٽڪر ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٻنهي عورتن جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورتن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي سورج بيبي زال قادر پٺاڻ ۽ 40 ورهين جي حسينه زال عصمت الله پٺاڻ اسدآباد ڪالوني ڪوٽڙي واسڻ طور ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. دادو ويجهو هفتو اڳ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. هڪ هفتو اڳ ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ علي رضا، دانيال، شاهزيب چارڻ ۽ آزان پنهور زخمي ٿي پيا هئا. زخمين مان آزان پنهور کي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون