- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن نينگرن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
شاهپور جهانيان ڀرسان رڪشا روهڙي ڪينال ۾ ڪرڻ سبب 2 نينگر فوت ٿي ويا.
هزار موري ڀرسان پير شهمير جيلاني جي ميلي تان رڪشا تيز رفتاري سبب روهڙي ڪينال ۾ ڪري پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو موٽندڙ فرحان خاصخيلي ۽ 12 ورهين جو مهراڻ خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
حادثي بعد فوتين جا لاش مقامي اسپتال آندا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻن نينگرن جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.
رڪشا ۾ سوار ماڻهو ڳوٺ غازي خاصخيلي جا رهواسي هئا جيڪي ميلي تان واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.
گهوڙا ٻاري ڀرسان حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.
ڳوٺ ڀائي خان چانڊيو واسي 30 ورهين جو رياض چانڊيو چنگچي رڪشا ۾ رومال ڦاسڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.
نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
