- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجيءَ ۾ ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ملير ۾ اسٽيل ٽائون جناح گيٽ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا.
فوت ٿي ويل ٻنهي موٽرسائيڪل سوارن جي طاهر حسين ۽ دلاور جي نالن سان سڃاڻپ ڪئي وئي.
ٽنڊي محمد خان ڀرسان بلڙي شاهه ڪريم روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ماءُ پٽ فوت ٿي ويا.
حادثي سبب ڪيشو زال رميش ۽ سندس معصوم پٽ ڪيلاش ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.
فوتين جا لاش ۽ اسپتال پهچايا ويا، جڏهن ته حادثو ڪندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو.
ميرپورساڪري ويجهو آئل ٽينڪر روڊ ڪناري ويٺل ٽن عورتن مٿان چڙهي ويو، جنهن سبب 2 عورتون چيڀاٽجي فوت ٿي ويون ۽ هڪ زخمي ٿي پئي.
تيز رفتار آئل ٽينڪر جي ٽڪر سبب ريشما ۽ مالا باگڙي فوت ٿي ويون ۽ هڪ عورت پوجھا سخت زخمي ٿي وئي.
حادثي بعد فوتي عورتن جا مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
لکي غلام شاهه ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
سکر-شڪارپور روڊ تي رينجرس چوڪي وٽ موٽرسائيڪل سوار ريس ڪندي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو.
حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان شمن علي گهنيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.- Advertisement -
