تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڄامشوري ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت ۽ پيءُ پٽ زخمي ٿي پيا.

انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ 28 ورهين جي فوزيه ۽ سندس ڏهن ورهين جو پٽ احسان چانڊيو فوت ٿي ويا جڏهن ته پورهيت سڌير چانڊيو ۽ سندس پنجن ورهين جو پٽ ثناءُ الله زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

ماءُ ۽ پٽ جا لاش پوسٽ لاءِ ڪوٽڙي جي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ڄام صاحب ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو اجل جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نوابشاهه روڊ تي ڳوٺ محمد بخش زرداري ويجهو ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي سان حادثو پيش آيو.

حادثي جي نتيجي ۾ فيصل ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته حيدر علي، جواد ملڪ، راڻا اخلاق ۽ ارشاد راجپوت سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون