تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڄامشوري ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت ۽ پيءُ پٽ زخمي ٿي پيا. انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 28 ورهين جي فوزيه ۽ سندس ڏهن ورهين جو پٽ احسان چانڊيو فوت ٿي ويا جڏهن ته پورهيت سڌير چانڊيو ۽ سندس پنجن ورهين جو پٽ ثناءُ الله زخمي ٿي پيا. حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ماءُ ۽ پٽ جا لاش پوسٽ لاءِ ڪوٽڙي جي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڄام صاحب ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو اجل جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نوابشاهه روڊ تي ڳوٺ محمد بخش زرداري ويجهو ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي سان حادثو پيش آيو. حادثي جي نتيجي ۾ فيصل ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته حيدر علي، جواد ملڪ، راڻا اخلاق ۽ ارشاد راجپوت سخت زخمي ٿي پيا. حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
20 %
3.6kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون