تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. عمرڪوٽ ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زال مڙس فوت ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيو. پيٽرول پمپ وٽ ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سمجهو اوڏ ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس رميش اوڏ ۽ پٽ دلمراد اوڏ زخمي ٿي پيا. زخمي رميش اوڏ ۽ سندس پٽ دلمراد کي حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رميش رستي ۾ ئي دم ڏنو. حادثي ۾ زخمي ٿيل دلمراد اوڏ کي حيدرآباد جي اسپتال ريفر ڪيو ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد زال مڙس جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. رميش اوڏ ۽ سندس گهرواري جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو. حادثي کانپوءِ پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو. شهدادڪوٽ ويجهوقبوسعيد روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب نوجوان عامر مگسي فوت ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا. فوتي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺ امير جان مگسي واسي نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. اوڏيرولال ويجھو روڊ ڪراس ڪرڻ دوران عورت گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پئي. کيبراڻي پوليس حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر کيبر پھچايو. طبي امداد ڏيڻ بعد زخمي ٿيل عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. پوليس موجب زخمي عورت جي سُڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي. پوليس موجب گاڏي جي ڊرائيور ساجد علي ولد اقبال خشڪ کي  حراست ۾ ورتو ويو آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون