سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن

spot_img
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. موري ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پيرسن عورت فوت ٿي وئي آهي. قومي شاهراهه تي تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ 70 ورهين جي مسمات جنت زال موريل سومرو ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي. اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس وين کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته پيرسن عورت روڊ پار ڪرڻ دوران وين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. غوثپور ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. مئن انڊس ھاءِ وي تي باگڙين جي قبرستان واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ دڙي سندراڻي واسي نيڪ محمد نصيراڻي زخمي ٿي پيو جڏهن ته سامھون ايندڙ ٽرالر مٿان چڙهي ويو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
13%
2.6m/s
0%
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون