تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ ٽن عورتن سميت 4 زخمي ٿي پيا آهن.

ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ٻارڙو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پيا.

ڪورنگي واري علائقي سنگر چورنگي ويجهو ٽينڪر واٽهڙو خاندان مٿان چڙهي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت عي ويو جڏهن ته هڪ ٻارڙو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واري واقعي هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.

نوشهرو فيروز ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن.

قومي شاهراهه تي ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ رضا محمد لغاري فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 عورتون زخمي ٿي پيون.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

نوجوان رضا محمد لغاري جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون