تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ ٽن عورتن سميت 4 زخمي ٿي پيا آهن. ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ٻارڙو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پيا. ڪورنگي واري علائقي سنگر چورنگي ويجهو ٽينڪر واٽهڙو خاندان مٿان چڙهي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت عي ويو جڏهن ته هڪ ٻارڙو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واري واقعي هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو. نوشهرو فيروز ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن. قومي شاهراهه تي ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ رضا محمد لغاري فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 عورتون زخمي ٿي پيون. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان رضا محمد لغاري جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون