تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

گهوٽڪي لڳ قاضي واهه ريلوي لائين ڪراس ڪندي ٽرين جي ٽڪر ۾ اڻڄاتل نوجوان فوت ٿي ويو، سرحد پوليس لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو.

ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي جهولي لال موڙ وٽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ بخشاپور واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان غلام علي گولاٽو فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

شاهپور جهانيان ڀرسان ٻيو ميل اسٽاپ نيشنل هاءِ وي تي روڊ ڪراس ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار کي ٽرڪ چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو غلام مصطفيٰ پٽ ياسين مغل ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي موٽر وي پوليس ۽ وارث حادثي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون