- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
سيوهڻ لڳ انڊس هاءِ وي روڊ تي مسافر ڪوچ مينهن سان ٽڪرائجڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
لڪي شاهه صدر ڀرسان تيز رفتار ڪوچ مينهن سان ٽڪرائجڻ سبب ميھڙ واسي 30 ورهين جو سراج ۽ ھڪ اڻڄاتل شخص ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ٽيم پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ هو ته مسافر ڪوچ لاڙڪاڻي کان ڪراچي طرف وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو، زخمين ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا به شامل آهن.
زخمين ۾ ثنا، ممتاز، وقار، حرا، مٺل، پرويز، صائمه، آصف، جمن، ڪريما، حاجي خان ۽ ٻيا شامل آهن، جن مان 5 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
سرھاڙي ڀرسان نوجوان پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويو.
نواز ڏاھري ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪراچي واسي مسافر محمد زبير پٽ بشير احمد پاڪستان ايڪسپريس ٽرين مان ڪِري ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
کڏھر پوليس پھچي فوتي جو لاش کڻائي ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
کڏھر پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان ڪراچيءَ جو رھواسي آھي جيڪو فيصل آباد کان ڪراچي وڃي رهيو هو.
پوليس جو چوڻ هو ته فوتي جي وارثن سان رابطو ٿيو آھي جيڪي نوجوان جو مڙھ سڪرنڊ اسپتال مان ڪراچي کڻائي لاءِ پھچي رھيا آھن…………- Advertisement -
