تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. هالا ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو سيتو پٽ هيرو ۽ شاهزيب پٽ امير بخش ڀنڀرو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. کهڙا ڀرسان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. خيرپور لاڙڪاڻي روڊ تي حنيف شاهه اسٽاپ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وزير شر ٿڏي تي فوت ۽ امداد شر زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. تلهار ڀرسان ڪار ججي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 12 ورهين جي نينگر اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. تلهار –جهڏي روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ 12 ورهين جو نينگر ونش پٽ ونيش زخمي ٿي پيو هو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو ……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
31 %
3.8kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون