تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾  4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽30 کان وڌيڪ زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾  4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ميرپورساڪري ڀرسان ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب شهزور گاڏي ڪلٽي ٿي پئي.

گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 ڄڻا اسد جوڻيجو ۽ ريبي پٺاڻ فوت ٿي ويا  ۽ 25 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مٽياري ويجهو  ڪار ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ۽  2 زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي حادثي ۾  بشير کوسو ۽ گل زادي کوسو فوت ٿي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي  اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

فوتين جا مڙهه وارث ايمبولينس نه ملڻ ڪري چنگچي رڪشا ۾ کڻائي ويا.

هوڏانهن حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
50 %
2.2kmh
2 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
16 °

تازه ترين خبرون