- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ ٽن عورتن سميت 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
شهدادپور ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ سمس اسپتال جو ملازم فوت ۽ ڊاڪٽرياڻي سميت 3 عورتون زخمي ٿي پيون آهن.
ھالا، حيدرآباد روڊ تي شھدادپور ايندي ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ سمس اسپتال جو او ٽي ٽيڪينشن سليم لغاري فوت ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڊاڪٽرياڻي صائما سليم لغاري سميت 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون.
حادثي بعد فوتي سليم لغاري جو لاش ۽ زخمين کي سمس اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سليم لغاري جو مڙهه ابائي ڳوٺ غلام محمد لغاري پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.
حيدرآباد ويجهو گمبٽ واسين جي گاڏي سان حادثي جي نتيجي ۾ عورت فوت، مڙس ۽ پٽ زخمي ٿي پيا.
گمبٽ واسي وڪيل دين محمد گهرڀاتين سان گڏ ڪار تي ڪراچيءَ کان واپس اچي رهيو هو ته حيدرآباد ويجهو ڪار ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ وڪيل جي گهرواري ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي جڏهن ته وڪيل دين محمد بانگو ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارث زخمين کي به کڻائي گمس اسپتال داخل ڪرايو جتي سندس علاج هلندڙ آهي.
قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
باءِ پاس تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڪاشف چنو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.
حادثي بعد فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
