تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ شاگرد سميت 11 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ شاگرد سميت 11 ڄڻا فوت ٿي پيا. لاڙڪاڻو ويجهو ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فوتين ۾ نوجوان ذوالفقار ڇڄڙو، اويس،  نوجوان انتظار شيخ شامل آهن، حادثي کانپوءِ فوت ٿيلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. ٻانڌي شهزادو  روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻانڌي شهزادو روڊ تي صدام واهه موري ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب قاري گل محمد مينگل ۽ مير احمد بروهي فوت ٿي ويا. موري ويجهو روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌيرڻ وٽ ٽرالر ۽ ڪار ۾ تڪر سبب هڪ ڄڻو احمد ابڙو فوت ٿي ويو ۽ مجاهد سومرو ۽ آصف ڀٽي زخمي ٿي پيا. حيدرآباد ۾ نيشنل هاءِ وي تي هٽڙي ويجهو ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو. حيدرآباد ۾ هٽڙي ويجهو ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار نوجوان فيصل فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو. پني عاقل ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ اسڪول جو شاگرد فوت ٿي ويو آهي. مهيسر پمپ ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ اسڪول جو شاگرد امداد چاچڙ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. علائقي واسين نينگر جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه حوالي ڪيو ويو. امداد چاچڙ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. جيڪب آباد ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن. جمالي پوليس پڪٽ وٽ ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ عبدالخالق سنجراڻي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس گهرواري ناديه ۽ ڀيڻ حسينه زخمي ٿي پئي. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. گهوڙا ٻاري ۾ گاڏيءَ جي ٽڪر سبب نينگر فوت ٿي ويو. غلام الله واسي نينگر امين ملڪاڻي گاڏي جي ٽڪر ۾  دم ڌڻي حوالي ڪيو. نندي واسي نوجوان سمن سرڪار جي ميلي تي ويندي پنگريو ويجهو حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ممتاز ملاح نندي کان موٽرسائيڪل تي سمن سرڪار جي ميلي تي وڃي رهيو هو ته  پنگريو ويجهو سوزڪي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون