تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. لانڍي ۾ اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڪاشان ولد محمد اڪمل دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته جوابدار زخمي ٿي پيو. سنجهوري ويجهو موٽرسائيڪل ۽ بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنجهورو ٿاڻي جي حد سانگهڙ-نوابشاهه روڊ تي بس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سومار مهر ۽ ميو ڀيل فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هالاڻي ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پولٽري فارم تي ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻو ڪاشف ڀٽي جي نالي سان ٿي، ٻيو پورهيت الهبچايو اڄڻ زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. دوداپور ۾ تاجو ديري روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو. تاجو ديري روڊ شاهه وٽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾نينگر علي رضا ميرالي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڪنب ويجهو چنا موري اسٽاپ وٽ روڊ حادثي ۾ پيءُ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو. چنا موري اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر سبب امام بخش اڄڻ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ عبدالقدير زخمي ٿي پيو. مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. قومي شاهراهه تي موٽروي آفيس وٽ ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب ڀورو ڪولهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته چيتن ڪولهي زخمي ٿي پيو. باڊهه ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ويهڙ ٿاڻي جي حد قاضي مسجد وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب جيڪب آباد جي ڳوٺ قادرپور جو رهواسي اياز کوسو فوت ٿي ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون