سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ خلاف استادن ۽ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
اڏيرو لال ۾ شاگردن ۽ استادن پاران درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي.
استادن جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب نه ملڻ سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيوته معاملي جو نوٽيس وٺي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.