تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

نوشهروفيروز ۾ سنڌي ادبي شاخ سنگت سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مظهر خاصخيلي، اعظم عالماڻي، محرم چنا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نصير آباد ۾ مختلف تنظيمن پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ رياض ڦلپوٽي، ساگر ڪانڌڙي، حفيظ تنئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ قائم ڪيل ڪيمپ تي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڏوڪري ۾ جسقم پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ رڪ سنڌي، سندر جيسر، رياض ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽائون هال اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ وائکا ٿي چڪا آهن، پر پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي خاموشي سواليا نشان بڻجي چڪي آهي.

هنن چيو ته يزيدي ٽولي معصوم نياڻيءَ کي اغوا ڪري ھڪ ماءُ جي جھولي خالي ڪري ڇڏي آهي.

سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي اڃا تائين نتيجا ناهي ڏئي سگهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بنا دير بازياب ڪرائي سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون